اسلام ??باد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ميڊيا جي ميدان ۾ هڪ اهم رياستي ادارو آهي، هو تيزي سان اڀرندڙ ڊيجيٽل ميڊيا ماحول جي چئلينجن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي خبرن کي جامع بڻائڻ ۽ نوان رجحان متعارف ڪ??ائڻ سان گڏوگڏ جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻي. هو قومي خابرو اداري اي پي پي جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو ه??. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري کي ميڊيا هائوسز جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اي پي پي جي خبرن جي مواد ۽ معيار ۾ بهتري ۽ جديد دور جي گهرجن موجب متعارف ڪ??ائي ويندڙ نئين خدمتن ج?? حوالي سان قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.