اسلام آباد – 11 فيبروري (اي ??ي پي) وفاقي ڪابينا پائيدار حڪمت عملي تحت معاشري جي ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي سهولت لاءِ 4 هزار يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي اٽي، گيهه، کنڊ ۽ دالين تي 5 مهينن دوران 10 ارب جي سبسڊي ڏ??ڻ، ڪاميا?? جوا?? پروگرام تحت يوٽيلٽي اسٽورز جي تعاون سان 2 هزار يوٿ اسٽور کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري سان گ?? صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مهانگائي جي خلاف عوام ۽ خاص طور تي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت پاران وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي.