سيالڪوٽ – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته 2020ع قومي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام کي وڌ کان وڌ مالي رليف ڏيڻ جو سال ثابت ٿيندو، حڪومت هر رياستي اداري مان بدعنواني کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پنهنجي سڌارن واري ايج??ڊا تي عملدرآمد جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، ??زيراعظم عمران خان قوم جي امنگن موجب ملڪ جي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي، ??لڪ جا چونڊيل نمائندا ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفر??س کي خطاب ڪندي ڪيو.