اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف عدالتي فيصلي، مريم نواز کي پرڏ??هي ملڪ وڃڻ لاءِ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي معاملي تي جائزو وٺندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ قانون جي بالادستي ۽ قانون جي هڪجهڙي لاڳو سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان جا ادارا رياست جا ٿنڀ آهن، رياست جو مف??د هر حال ۾ اهم ۽ مٿانهون آهي، اسان کي پنهنجي ادارن کي سگهه ڏيڻي ۽ بااختيار بڻ??ئڻو آهي، آرمي چيف جي توسيع جي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي ۽ قانوني ڪمي??ي جي مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو ته حڪومت ان معاملي تي اپيل ۾ وڃي ٿي يا پارليامينٽ مان منظوري ورتي وڃي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪمي??ي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.