جده – 26 نو??بر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ او آءِ سي جي گولڊن جوبلي تقريبن تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته او آءِ سي جو فورم مسلمان امت کي پاڻ ۾ جوڙڻ جو پليٽ فارم آهي، پاڪستان او آءِ سي جي باني ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان مي??بر ملڪن ۾ سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي قدرن جي مضبوطي ۾ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪيو، پاڪستان سدائين مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي حل جي ڳالهه ڪئي، هو جده ۾ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.