باڪو – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان هم آهنگ تصورن جي ذريعي هڪ جهڙا خيال رکندڙ آهن، اسان ??مجهون ٿا ته ??مورن علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي عالمي قانون جي فريم ورڪ تحت ڳالهين ۽ پرامن ذريعن س??ن حل ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه آذربائيجان ??ي صدر الهام عليوف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي، وزيراعظم چيو ته هو ٻين جي کلي جارحيت باوجود پرامن پاڙيسري ۽ ترقي جي لاءِ امن جا ترجمان ??هيا آهن تنهن هوندي به امن جي اصولن تي ڪاربند رهڻ جو غلط مطلب وٺندي ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان ??ي ڄمون ۽ ڪشمير ۽ نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي هڪٻئي جي لاءِ حمايت، ويجهي افهام و تفهيم ۽ خيالن ۾ هم آهنگي جو ثبوت آهي. نگورنوڪاراباخ تي پاڪستان ??ي موقف جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم نواز شريف والاريل آذري علائقن جي واپسي، آرمينين فوج جي نڪرڻ ۽ پناهگيرن جي واپسي جو مطالبو ڪيو.