اسلام آباد – 31 مارچ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ملڪ جي سمورن صوبن سان ڪرونا سبب متاثر مريضن، اسپتالن ۾ سهولتن، ٽيسٽنگ ڪٽس ۽ وينٽي ليٽرز جي دستيابي سميت لاڳاپيل ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو عمل منظم ڪيو وڃي، عوام کي هر رخ کان مڪمل با??بر رکيو وڃي، رليف جي فراهمي مڪمل ميرٽ تي يقيني بڻائي وڃي ۽ ??ن سلسلي ۾ ڪو به فرق نه ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ڪرون?? وائرس جي روڪٿام، تشخيص لاءِ سهولتن، موجوده صورتحال ۾ صنعتي عمل جي رواني کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن، حڪومت پاران اقتصاد?? پيڪيج، بنيادي ضرري شين جي گهرج ۽ پهچ ، ايگريڪلچر جي شعبي جي ح??الي سان قدمن ۽ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي ح??الي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.