اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر ۾ ڪم ڪندڙ سمورن ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي لاءِ هڪ مهيني جي اضافي پگهار جي اصولي منظوري ڏيندي چيو آ??ي ته ان مشڪل وقت ۾ ڏکين حالتن ۾ انسانيت جي خدمت سان ٽمٽار ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جو جذبو ۽ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. اها ڳالهه هن ڪورونا وائرس جي صورتحال جي حوالي سان جائزي اجل??س جي ??دا??ت ڪندي چئي.