اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ميڊيا کي طاقتور ادارو بڻائڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ 72 سالن کانپوءِ ”قومي ميڊيا پاليسي“ آڻي رهيا آهي??ن، پاليسي صرف اشتهارن تائين محدود نه پر ميڊيا جي سمورن شعبن جي حقن جي ضامن، جذبن، احساسن ۽ ضرورتن جي عڪاسي ڪندي، ميڊيا سان گڏ??ي ميڊيا انڊسٽري کي مسئلن مان ڪڍي هڪ اهڙو روڊ ميپ ڏئي رهيا آهيون جنهن ۾ حقيقتن ۽ فرضن جي وچ ۾ توازن قائم ٿيندو، ميڊيا ملڪ ۽ قوم ??ي مفاد ۾ سچ لکي، هروڀرو الزام تراشي سان وقتي شهرت ته ملندي آهي پر عوام جي عدالت ۾ ح??يق?? شڪست ٿيندي آهي، رياست ۽ صحافت ٻئي گڏوگڏ هلي رهيا آهن، حڪومت ان ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آه??. ه?? مقامي هوٽل ۾ صحافي حنيف خالد جي ڪتاب ”اڌ صدي جو صحافتي سفر“ جي رونمائي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.