اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان هنگري سان پنهنجي لاڳاپن کي ت??ام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپار حقيقي صلاحيت کان گهٽ آهي، پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪاسا??ي ڀارتي حڪومت جي هٿان انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي ڪڏهن خاموش نه رهندو ۽ اسان کي ڪشميري ڀائرن جو ساٿ ڏيڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هنگري لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمد اعجاز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.