اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي سان سعودي حج ۽ عمره واري وزير ڊاڪٽر توفيق بن فوزان الربيعه ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر سعودي عرب سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چيو ته سعودي عرب سان معيشت، سيڙپڪاري ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان سعودي عرب سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ??اڪ??تان – سعودي عرب لاڳاپا گڏيل ع??يدي، تاريخ ۽ عوامي لاڳاپن تي ٻڌل آهن. صدر موجوده اقتصادي حصيداري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ??اڪ??تان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر سعودي عرب سان ٻطرفي واپار کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ??اڪ??تان ۾ آءِ ٽي، قابل تجديد توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. صدر هن سال حج جا بهترين انتظام ڪرڻ تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن اميد ظا??ر ڪئي ته سعودي حڪومت مديني ۾ منهدم ٿيندڙ ٻن ??اڪ??تان هائوسز جي رقم سان مرڪزيه ۾ ??اڪ??تان هائوس جي خريداري ۾ تيزي آڻيندي. صدر او آءِ سي جي ذريعي اهم مسلمان مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، فلسطين ۽ افغانستان تي مستقل حمايت تي سعودي عرب ۽ ان جي قيادت کي ساراهيو. صدر ايران سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته مسلمان دنيا ۾ سعودي ولي عهد جي قيادت ساراهه جوڳي آهي. سعودي حج ۽ عمره واري وزير چيو ته ??اڪ??تان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا تمام گهڻا مضبوط آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سعودي عرب حاجين کي حج ۽ عمري جي لاءِ بهتر سهولتون فراهم ڪندو رهندو. صدر سعودي بادشاهه ۽ ولي عهد/ وزيراعظم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائڻ جو پڻ چيو. صدر ??اڪ??تان جي مسلسل حمايت ۽ مالي امداد تي سعودي عرب جا ٿورا پڻ مڃيا.