اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ شديد زلزلي سبب ٿيل نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزير??عظ?? شهباز شريف ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? زلزلي سبب فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني ??ڪومت ۽ عوام مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. ترڪيه هر مشڪل ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪندو. وزير??عظ?? چيو ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سان تباهي ج?? وڌندڙن واقعا پوري دنيا جي لاءِ خطري جي گهنٽي آهي. اهو انسانيت ۽ سڄي دنيا جي بقاءَ جو معاملو آهي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سان تباهي ڪنهن ملڪ يا خطي تائين محدود ناهي رهي.