نيويارڪ -26 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي شهر ن??ويارڪ ۾ پاڪستان جي آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان پريڊ منعقد ڪئ?? وئي، جنهن ۾ نيويارڪ سٽي جي ميئر ايرڪ ايڊم، آمريڪن پاڪستاني پبلڪ افيئرز ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر اعجاز احمد ۽ ڪيترن ئي پاڪستاني ڄاون آمريڪي شهرين شرڪت ڪئ??. اڪثر پاڪستاني قومي لباس ۾ هئا. نيويارڪ جي ميئر ايرڪ ايڊم پاڪستانين جي ميڙاڪي جي آجيان ڪئ?? ۽ کين يوم آزادي جون مبارڪون ڏنيون. هنن پاڪستان زنده باد ۽ قائداعظم زنده باد جي نعرن وچ ۾ چيو ته پاڪستاني برادري جو دوست آهيان ۽ هميشه رهندس. پريڊ جي قيادت نيويارڪ پوليس ڊپار??مي??ٽ جي هڪ يونٽ ۽ بينڊ ڪئ??. نيويارڪ پوليس ?? خدمتون انجام ڏيندڙ پاڪستاني آمريڪين جي هڪ گروپ پڻ پريڊ سان مارچ ڪيو.